پڪو تلاءُ

پڪو تلاءُ: انگريزن جيڪب آباد شهر کي پاڻي مهيا ڪرڻ جي سهولت خاطر 1853ع ۾ هي تلاءُ ٺهرايو ۽ ان سان گڏ چار کوهه به ٺهرايا هئا. تلاءَ جي ڪنارن تي گدامڙي، نم ۽ بڙ جا وڻ به لڳايا ويا هئا. کوهن کي ٻڌو واهه وسيلي پاڻيءَ سان ڀريو ويندو هو. تلاءَ جي چوڌاري حفاظتي ڀت نه هئڻ ۽ تمام اونهو هئڻ ڪري، هر سال ڪو نه ڪو ماڻهو هن ۾ ٻڏي مرندو هو. ان ڪري تلاءَ جو نالو عام ماڻهن جي زبان تي ”خوني تلاءُ“ پئجي ويو. ان کان سواءِ شهر کي وڌيڪ پاڻي مهيا ڪرڻ واسطي هڪ ٽانڪي به ٺاهي وئي. جنهن کي ”نور واهه“ مان پائيپن وسيلي پاڻيءَ سان ڀريو ويندو هو. وقت سان گڏ هي تلاءُ گندو ٿي ويو ۽ ان کي گند ڪچري سان ڀريو ويو .ان جاءِ تي هن وقت سبزي منڊي ۽ مانجھي پور جو بس اسٽاپ قائم آهي. هن نالي سان سکر شهر ۾ هڪ علائقو به آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو